دنبي رڍ

دنبي رڍ: دنبي رڍ جو نسل، سنڌ جي محال ڪوهستاني علائقي دادو، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ جي آسپاس پاليو وڃي ٿو. جيڪب آباد لاڙڪاڻي ۽ بلوچستان جي سبي علائقن ۾ به رڍ جو هي نسل ملي ٿو. هن نسل جون رڍون قد جون وچوليون ٿين، جن جو رنگ اڇو ۽ منهن ڪارو ٿئي ٿو. هنن رڍن جي اکين جي چوڌاري ڪارا ڇلا ٿين ٿا. هنن جا ڪن ننڍا وچولا ٿين. ڪجهه رڍن کي ڪنن تي ڪارا داغ ٿين ٿا. نر گھَٽو کي اڪثر سڱ ٿين ٿا، اُن جو پڇ وچولو ۽ پٺي چڱي خاصي ڀريل ٿيندي آهي.


لفظ دنبي رڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو